ڊومڪي علامه مقصود علي

ڊومڪي علامه مقصود علي

ڊومڪي علامه مقصود علي

ڊومڪي، علامه مقصود علي: ناميارو عالمِ دين، اديب ۽ محقق علامه مقصود علي ولد غلام رسول ڊومڪي، پهرين آڪٽوبر 1975ع تي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن 1996ع ۾ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان ايم. اي اسلاميات ۾ ڪئي، بعد ۾ هو قم، ايران هليو ويو، جتي ٽي سال رهي ’علامه‘ جي ڊگري حاصل ڪيائين، جيڪا ڊگري پاڪستان ۾ ايم. فل جي برابر آهي. هن جو هڪ ڪتاب ’چاليس احاديث‘ اردوءَ ۾ ڇپيو آهي، جيڪو 1996ع ۾ اسلامي ٽرسٽ ڪوئيٽا وارن ڇپرايو هو. ان کان سواءِ هن ٻيو ڪتاب ’فلسفهء قيام امام حسين عه‘ به تحرير ڪيو، جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آهي. هن وقت اسلامي ٽرسٽ پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري ۽ جامعه ابي طالب جيڪب آباد جو پرنسپال آهي. سندس ديني، علمي ۽ ادبي خدمتون جاري آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.10.01  عيسوي

اميارو عالمِ دين، اديب ۽ محقق علامه مقصود علي ولد غلام رسول ڊومڪي، پهرين آڪٽوبر 1975ع تي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابنِ مقله بيضاوي
خادم حسين شاهه نقوي
خليفو عبدالحڪيم سيوستاني
عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ
قاضي محمد جعفري ٺٽوي
پنهواري عبدالقادرعلامه
دين محمد شاهه ميڻن وارو
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ترمذي
عبدالاحد مير
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون